شگفته شاهه

شگفته شاهه

شگفته شاهه

شگفته شاهه: شاعره، ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ آرٽسٽ شگفته شاهه جو جنم 24 اپريل 1965ع تي حيدرآباد ۾ ٿيو. هن ابتدائي تعليم محمدي اسڪول حيدرآباد، مئٽرڪ گورنمينٽ حمايت اسلام گرلز هاءِ اسڪول حيدرآباد، انٽر زبيده گرلز ڪاليج حيدرآباد، ايم. اي سنڌيءَ ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ڪئي. ان کان سواءِ ايم. ايڊ ۽ انگريزيءَ ۾ ڊپلوما پڻ ڪيل اٿس. هن عملي زندگيءَ جي شروعات انٽر کانپوءِ استاد طور ذميواريون نڀائڻ سان ڪئي. هن وقت پبلڪ اسڪول حيدرآباد جي گرلس سيڪشن ۾ سنڌي شعبي جي انچارج آهي. شگفته شاهه شاعريءَ جي شروعات 1989ع کان ڪئي. هن جو پهريون نظم ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان نشر ٿيو. شگفته هڪ سٺي مصور هجڻ سان گڏ سٺي شاعره ۽ ڪهاڻيڪار به آهي. هن ريڊيو لاءِ ڪيترائي فيچر، گيتن ڀريون ڪهاڻيون ۽ ڊراما پڻ لکيا. هي صحافتي شعبي سان لاڳاپيل رهڻ سان گڏ ڪيترن ئي پروگرامن جي ڪمپيئر پڻ رهي آهي. هن شاهه ڪريم، قاضي قاضن ۽ سچل سرمست سميت ڪيترن ئي ڪلاسيڪل شاعرن تي تحقيقي ڪم ڪيو آهي. سندس لکيل مضمون، مقالا ۽ ڪالم ’ڪاوش‘ اخبار سميت مختلف اخبارن ۾ ڇپبا رهن ٿا.


لفظ شگفته شاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1965.04.24  عيسوي

شاعره، ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ آرٽسٽ شگفته شاهه جو جنم 24 اپريل 1965ع تي حيدرآباد ۾ ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

مرتضيٰ شاهه ڏاڏاهي
عبدالله راهي لکوي ميان
حافظ محمد عبدالله ٽکڙائي بسمل
ساره شگفته
سيد علي اڪبر شاهه ثاني
آزاد صوفي2
اياز جاني
زرڪ خان لاشاري
مير شهداد علي خان حيدري ٽالپر
اعجاز علي شاهه اعجاز راشدي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون